راهو فاضل

راهو فاضل

فاضل راهو

فاضل راهو: سنڌ جي ناليواري سياسي اڳواڻ فاضل راهو ولد احمد خان راهو جو جنم 1937ع ڌاري ڳوٺ راهوڪي ضلعي بدين ۾ ٿيو. فاضل راهو جو تعلق هڪ غريب گهراڻي سان هو. سندس والد هاري هو، جنهنڪري غربت جي ماحول ۾ سندس تربيت ۽ تعليم ٿي ۽ هن هارين، مزدورن ۽ مسڪين ماڻهن کي ويجهي کان ڏٺو ۽ انهن جي جذبن جي مڪمل ڄاڻ ۽ پروڙ حاصل ڪيائين. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي بهادر، جفاڪش ۽ باهمت هو. جڏهن جوان ٿيو ته سندس دل ۾ مظلوم طبقي ۽ هارين ۾ سجاڳي آڻڻ ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرائڻ جو جذبو پيدا ڪيو. جنهن سبب هاري تحريڪ ۾ شامل ٿيو. هن هاري تحريڪ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ ڊگهي عرصي تائين جيل جي چوديواري ۾ رهيو، پر ڪڏهن به اصولن جي سوديبازي نه ڪيائين. هن جي قربانين ۽ خدمتن جو هڪ ڊگهو داستان آهي. فاضل راهو صدر ايوب خان جي زماني ۾ بلدياتي چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. بعد ۾ يونين ڪائونسل ترائي جو چيئرمين ٿيو. 3 مارچ 1970ع تي نامور دانشور رسول بخش پليجي سان گڏجي ”سنڌي عوامي تحريڪ“ پارٽيءَ جو بنياد رکيائين. پاڻ هميشه سنڌ جي مظلوم طبقي لاءِ آواز اٿاريندو رهيو. هن سنڌ دشمن سازشن خلاف پڻ مڙس ٿي جنگ جوٽي. هو سنڌين جي زمينن جي نيلامي بند ڪرائڻ ۽ سنڌي ۾ ووٽر لسٽون لکڻ وارين تحريڪن ۾ لڳاتار سرگرم رهيو. صوبائي خودمختياري لاءِ آخر تائين جدوجهد ڪندو رهيو. جنرل ضياءَ جي مارشل لا کان نجات وٺڻ لاءِ پاڪستان جي پارٽين گڏجي ايم. آر. ڊي جو وجود وڌو. ان لاءِ پڻ هن ڪافي پتوڙيو. ايم. آر. ڊي ۾ مسلسل جدوجهد دوران کيس جيل موڪليو ويو. جتي ٽي سال جيل ۾ قيد رهيو ۽ عتاب هيٺ رهيو. هن سنڌ ۾ سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ جي سازش کي چاڪ ڪيو. سنڌي عورتن ۾ وڏي بيداري آندائين. عوام جا مسئلا حل ڪرائڻ ۾ سندس وڏي دلچسپي رهي. غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي ڪمن ڪرڻ آفيسرن ۽ وڏيرن سان سندس هميشه ڦڏا رهيا. اهو ئي سبب هو جو فاضل راهو آفيسرن، وڏيرن ۽ سنڌ دشمن قوتن جي اک جو ڪنڊو ٿي پيو. سنڌ جي عوامي ڪردار فاضل راهو کي 17 جنوري 1987ع تي گولاڙچي شهر ۾ ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو ۽ سندس قتل کي ذاتي دشمني ڄاڻايو ويو. هر سال 17 جنوريءَ تي سندس ياد ۾ هڪ وڏو پروگرام ٿيندو آهي. جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻ شرڪت ڪندا آهن.


لفظ فاضل راهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.03.03  عيسوي

3 مارچ 1970ع تي نامور دانشور رسول بخش پليجي سان گڏجي ”سنڌي عوامي تحريڪ“ پارٽيءَ جو بنياد رکيائين.


1987.01.17  عيسوي

سنڌ جي عوامي ڪردار فاضل راهو کي 17 جنوري 1987ع تي گولاڙچي شهر ۾ ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو ۽ سندس قتل کي ذاتي دشمني ڄاڻايو ويو. هر سال 17 جنوريءَ تي سندس ياد ۾ هڪ وڏو پروگرام ٿيندو آهي. جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻ شرڪت ڪندا آهن.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بختاور خان ملڪ
مير يار محمد ٽالپر
راءِ گنگاجر جکرو
جهان آرا بيگم
عبدالفتاح ميمڻ 2
قاضي دائود
حڪيم محمد مراد چنا
خيرو اوٺوال
دلو راءِ
ڄام علاؤالدين جوڻو بن بابينو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون